سيد بدرالدجىٰ شاهه راشدي

سيد بدرالدجىٰ شاهه راشدي: نامور عالم ۽ جراح حڪيم سيد بدرالدجى ولد شاهه محمد شاهه'>سيد شاهه محمد شاهه راشدي 1909ع ڌاري پير جي ڳوٺ، لڳ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.
سيد بدرالدجى راشدي حڪيم، بزرگ ۽ اهل علم هو، حڪمت جو علم کيس پنهنجي والد پاران ورثي ۾ مليو. حڪمت ۾ نبض شناسي، سير ڇوڙڻ ۽ ڏنڀ ڏيڻ جو اعلى درجي جو ماهر هو. پري پري تائين سندس ناماچاري هوندي هئي. سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ به ڀرپور حصو وٺندو هو. پير علي محمد شاهه راشدي ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي سندس همعصر ۽ ڳوٺائي هئا، سيد بدرالدجى شاهه کي علمي ذوق به سندن صحبت جي ڪري پيدا ٿيو. وٽن ڪي علمي شخصيتون اينديون هيون ته حڪيم بدرالدجى کي به مدعو ڪيو ويندو هو. حڪيم صاحب جون ڊاڪٽر ائنميري شمل، فلپ ڪي هٽي، گلشن خاڪي، باباءِ اردو مولوي عبدالحق ۽ ٻين سان ملاقاتون رهيون. حڪيم صاحب پير صاحب پاڳاري، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ خانبهادر احمد خان ڀٽي جي قريبي احبابن ۾ شامل هو. سندس دواخانو نئين ديري شهر ۾ هو، جتي پري پري کان مريض اچي علاج ڪرائيندا هئا. حڪيم سيد بدرالدجى شاهه راشدي سنڌ جي ناليواري اديب امام راشديءَ جو والد هو. حڪيم صاحب 22 آگسٽ 1972ع تي 63 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو